ڀٽ شاهه ۽ ڀرپاسي ۾ ڪٿي تيز ته ڪٿي هلڪي برسات هيٺاهين وارن علائقن ۾ پاڻي جمع
ڀٽ شاهه ( رپورٽ: جمن چوهاڻ ) ڀٽ شاهه ۽ ڀرپاسي جي علائقن ۾ زوردار برسات تباھي مچائي ڇڏي، برسات سبب شھر جا نقشا تبديل ٿي ويا، ھر طرف پاڻي ۽ پاڻي موجود، هالا روڊ، درگاهه روڊ، ميونسپل ۽ ڪاليج روڊ مڪمل پاڻي ھيٺ اچي ويا، ڪاروباري سرگرميون متاثر، شھري گھرن تائين محدود، برسات سبب سنڌو درياهه ۾ چاڙهه ڪچي جا علائقا پاڻي ھيٺ آهن تيار فصل پاڻي ٻڏي ويا، ڳوٺاڻن جي محفوظ ھنڌن ڏانھن لڏپلاڻ، جڏھن ته برسات سبب 24 ڪلاڪن کان بجلي بند مواصلاتي نظام درهم برهم
