ملائشيا ۾ هزارين شهري مهانگائي خلاف روڊن تي نڪري آيا، وزيراعظم نور ابراهيم خلاف نعريبازي
( ويب ڊيسڪ ) پرڏيهي خابرو اداري موجب مظاهرين مطالبو ڪيو ته مهانگائي تي ضابطو آندو وڃي ۽ وزيراعظم نور ابراهيم کي عهدي تان استعيفيٰ ڏيڻ گهرجي
مظاهرين جو چوڻ هو ته وزيراعظم انور ابراهيم پرڏيهي ڪافي دورا ڪيا. پر عوام کي ڪو به فائدو ناهي ٿي سگهيو. بيگناهه ماڻهو جيل ۾ آهن ڏوهاري آزاد گهمي رهيا آهن، مظاهرو ڪندڙن چيو ته معيشت خطري ۾ آهي. ٽيڪس ۽ بجلي جي اگهن ۾ اضافو ٿي رهيو آهي
ياد رهي ته انڊونيشيا ۾ ٿيندڙ مظاهره ۽ ڌرڻا حڪومت مخالف پارٽين طرفان ڪيا پيا وڃن، انڊونيشيا اندر ڪيترائي شهر حڪومت مخالفت جي ڪري هڙتال هيٺ آهن
