خيرپور: جهنگو وساڻ واسين جو  اسپتال ۾ ٿيل مبينا ڪرپشن خلاف احتجاج

Screenshot 2025-07-26 21-17-43

خيرپور ( رپورٽ: زبير سومرو ) جھنگو وساڻ ۾ ڏھن بسترن تي مشتمل تعمير ٿيندڙ گورنمينٽ اسپتال جو ڪم مڪمل ٿيڻ کان اڳ ئي مشينري خريد ڪرڻ جي مد ۾ ساڍا ٽي ڪروڙ رپيا مبينا ڪرپشن جي ور چڙھڻ خلاف علائقي واسين جو احتجاج

جهنگو وساڻ جي ڳوٺاڻن وڏيرو غلام تقي وساڻ، ڪرم حسين وساڻ، غلام اڪبر وساڻ، گلبهار وساڻ، علي بخش ڀنڀرو، ثمر وساڻ، دريا خان شيخ، صدا حسين وساڻ، نذير حسين وساڻ ۽ ٻين ڊي ايڇ او خلاف احتجاج ڪيو

هنن چيو ته اسپتال جو ڪم مڪمل ٿيڻ کان اڳ ئي ڊي ايڇ او خيرپور مشينري، جنريٽر، انسٽرومينٽ، فرنيچر ۽ تيل وغيره جي مد ۾ ساڍا ٽي ڪروڙ رپيا ڪڍيا آهن

هنن وڌيڪ چيو ته سنڌ گورنمينٽ جا ٿورائتا آهيون جن ڏهن بسترن تي مشتمل هڪ وڏي اسپتال جو تحفو ڏنو آهي پر افسوس جو ان جا رکيل ڪرپٽ آفيسر اسپتال جي سامان لاءِ آيل 45 ملين مان 35 ملين ڪڍرائي هڙپ ڪري ڇڏيا

هنن چيو ته ڳوٺ جھنگو وساڻ ۾ گورنمينٽ سنڌ پاران 10 بسترن تي مشتمل اسپتال منظور ڪئي وئي ھئي جنھن جو تعميراتي ڪم جاري آھي پر ڊي ايڇ او خيرپور ڊاڪٽر نديم اشرف جوکيو پاران اسپتال جون مشينري جنريٽر، فرنيچر ۽ مينٽيننس جي مد ۾ ساڍا ٽي ڪروڙ رپيا ڪاغذي ڪاروائي ۾ ھڙپ ڪري ڇڏيا آهن

ھنن چيو ته جيڪڏھن اسپتال جي رکيل بجيٽ ائين ڪاغذي ڪارروائي ۾ ھڙپ ڪئي وئي ته اسپتال ھلڻ کان اڳ ئي پوئتي ٿي ويندي

هنن مطالبو ڪيو ته وزيراعليٰ سنڌ، صوبائي وزير صحت ۽ سيڪريٽري صحت کان  فوري طور نوٽيس وٺي ٿيل ڪرپشن جي جاچ ڪرائي وڃي ۽ چتاءُ ڏنو ته جيڪڏھن اسپتال جي لاءِ رکيل رقم مان ٿيل ساڍا ٽي ڪروڙ رپيا ڪرپشن جي جاچ نه ٿي ته ڊي ايڇ او خيرپور خلاف جلد عدالت سڳوري جو دروازو کڙڪايو ويندو.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *