ميهڙ: ڪارپوريٽ فارمنگ، درياهه تي ڌاڙي ۽ بدامني خلاف احتجاج

Screenshot 2025-07-26 13-43-26

ميهڙ (رپورٽ: ساحل ارشاد سومرو ) سنڌو درياهه تي ڌاڙي، ڪارپوريٽ فارمنگ جي نالي تي سنڌ جي زمينن جي نيلامي، ميھڙ ۾ وڌندڙ بدامني، پاڻي کوٽ ۽ ٻين بنيادي مسئلن خلاف عوامي تحريڪ تعلقي ميھڙ پاران احتجاجي ريلي ڪڍي نيشنل پريس ڪلب آڏو ڌرڻو هنيو ويو

مظاھري جي اڳواڻي وڪيل نجيب مھيسر، وڪيل داد محمد مگسي، وڪيل ذوالفقار چانڊيو، وڪيل منصور چانڊيو، شبير کوسو، علي رضا زرداري، ظھير ناريجو ۽ ٻين ڪئي، مظاهرين جي هٿن ۾ پارٽي جا جهنڊا ۽ بينر کنيل هئا

اڳواڻن چيو ته سنڌ جي ماڻھن سان سرڪار ظلم جي انتھا ڪري ڇڏي آھي، سنڌ جي ماڻھن جي حقن تي ڌاڙا ھنيا وڃن ٿا، سنڌ جون زمينون ڪارپوريٽ جي نالي تي ڌارين حوالي ڪيون پيون وڃن

ھنن چيو ته سنڌو درياهه مان ڪئنال ڪڍڻ جي سازش ڪئي وڃي پئي جڏھن ته ھڪ طرف ٻوڏ جو خطرو ٻڌايو پيو وڃي ته ٻئي طرف ماڻھن جي لاءِ پيئڻ جو پاڻي نه پيو ڏنو وڃي

ھنن چيو ته ميھڙ تعلقي ۾ بدامني وڌي وئي آهي شھري، واپاري، دڪاندار، شاگرد غيرمحفوظ بڻيل آھن روز چوريون ڦرون ڌاڙا معمول بڻيل آهن، ڏوھاري سرعام ماڻھن کان ڦرلٽ ڪري آساني سان فرار ٿي وڃن ٿا پر پوليس ڏوھارين خلاف ڪاروائي بجاءِ ڏوھارين جي ساٿاري بڻيل آھي

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *