ڪي اين شاهه: ڪربلا جي شهيدن جو چهلم عقيدت ۽ احترام سان ملهايو ويو

IMG-20240826-WA0061

خيرپور ناٿن شاھه ( رپورٽ: عرفان مشوري ) چهلم حضرت امام حسين عليه السلام نهايت عقيدت ۽ احترام سان ملهايو ويو، ڪي اين شاهه شھر لبيڪ يا حسين عليه السلام جي نعرن سان گونجندو رهيو، حضرت امام حسين عليه سلام ۽ سندس جانثار ساٿين جي قرباني کي چاليهه ڏينهن گذرڻ تي شھر جي مختلف ڳوٺن ۽ امام بارگاهن کان سوين قافلا مرڪزي امام بارگاهه خيرپور ناٿن شاھ پھتا، ڪربلا جي شهيدن کي پرسو ڏيڻ لاءِ نوحا خاني، زنجير زني ۽ سينا زني جو ماتم ڪيو ويو، مرڪزي ماتمي جلوس پنهنجي روايتي رستن کان ٿيندو مرڪزي امام بارگاهه تي اختتام پذير ٿيو، هوڏانهن سڪيورٽي جا انتظام انتهائي سخت ڪيا ويا

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *