صائمه نور جي اسڪرين تي واپسي، مداحن طرفان شاندار موٽ

5050-20

( ويب ڊيسڪ ) خليل الرحمان قمر جي لکيل ڊرامي “مين منٽو نهين هون” جي هدايتڪاري نديم بيگ ڪئي آهي، جڏهن ته ڪاسٽ ۾ همايون سعيد، سجل علي، آصف رضا مير، اذان سميع خان ۽ صنم سعيد جهڙا وڏا نالا شامل آهن.

ڊرامي ۾ صائمه نور ۽ سجل علي جي مامي ۽ ڀاڻيجي جي جوڙي کي تمام گهڻو پسند ڪيو پيو وڃي، اداڪاره صنم سعيد به 2019 کان پوءِ هن ڊرامي سان ٽي وي تي واپسي ڪئي آهي ۽ سندس ڪارڪردگي کي پڻ مثبت موٽ ملي رهي آهي.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *