ويسٽ انڊيز خلاف ون ڊي ۽ ٽي ٽوئنٽي سيريز لاءِ پاڪستاني اسڪواڊ جو اعلان
( ويب ڊيسڪ ) پاڪستان ۽ ويسٽ انڊيز وچ ۾ ٽئي ٽي ٽوئنٽي ۽ ٽئي ون ڊي ميچ کيڏيا ويندا.
قومي ٽيم 27 جولاءِ تي آمريڪا پهچندي، 3 ٽي ٽوئنٽي 31 جولاءِ، 2 ۽ 3 آگسٽ تي کيڏيا ويندا، جڏهن ته ون ڊي ميچ 8، 10 ۽ 12 آگسٽ تي شيڊول آهن.
محمد رضوان کي ون ڊي ڪپتان برقرار رکيو ويو آهي، جڏهن ته شاهين شاهه آفريدي ۽ بابر اعظم کي به ون ڊي اسڪواڊ ۾ شامل ڪيو ويو آهي.
ٽي 20 ٽيم جي ڪپتاني سلمان علي آغا ڪندو، جڏهن ته حارث رئوف، حسن علي ۽ شاهين شاهه آفريدي ٽيم ۾ شامل، عباس آفريدي، سلمان مرزا ۽ احمد دانيال کي ڊراپ ڪيو ويو
فهيم اشرف، فخر زمان، خوشدل شاهه، حسين طلعت، محمد نواز ٽي 20 اسڪواڊ جو حصو هوندا. ان کان علاوه حسن نواز، صائم ايوب، ابرار احمد، صاحبزاده فرحان، محمد حارث ۽ سفيان مقيم به 15 رڪني اسڪواڊ ۾ شامل آهن.
ون ڊي اسڪواڊ ۾ محمد رضوان ڪپتاني ڪندو، سلمان علي آغا، بابر اعظم، عبدالله شفيق، فهيم اشرف شامل ڪيا ويا. فخر زمان، حسن علي، شاهين شاهه آفريدي، نسيم شاهه، صائم ايوب به اسڪواڊ جو حصو آهن.
ون ڊي ٽيم ۾ حسين طلعت، محمد نواز، حسن نواز، ابرار احمد، محمد حارث ۽ سفيان مقيم کي به شامل ڪيو ويو.
