فيلڊ مارشل جون چين جي سياسي ۽ فوجي قيادت سان ملاقاتون

410512_3778381_updates

( ويب ڊيسڪ ) آءِ ايس پي آر موجب فيلڊ مارشل عاصم منير چين جي سرڪاري دوري دوران بيجنگ ۾ چين جي سياسي ۽ فوجي قيادت سان اعليٰ سطحي ملاقاتون ڪيون. ملاقاتن ۾ پاڪ-چين آئرن ڪلڊ اسٽريٽجڪ پارٽنرشپ جي ٻيهر تصديق ڪئي وئي.

آءِ ايس پي آر چيو ته آرمي چيف چيني نائب صدر هان زينگ ۽ پرڏيهي وزير وانگ يي سان ملاقات ڪئي. ملاقاتن ۾ علائقائي ۽ عالمي سياسي صورتحال تي غور ويچار ڪيا ويا. ملاقاتن ۾ سي پيڪ تحت رابطي جي منصوبي تي به ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي.

 (آءِ ايس پي آر) موجب ملاقاتن ۾ گڏيل جيو پوليٽيڪل چئلينجز کي منهن ڏيڻ لاءِ حڪمت عملي تي ڳالهه ٻولهه ٿي. ٻنهي ڌرين ٻطرفي لاڳاپن جي مضبوطي تي اطمينان جو اظهار ڪيو.

آءِ ايس پي آر موجب، چيني قيادت ڏکڻ ايشيا ۾ امن ۽ استحڪام ۾ پاڪستاني فوج جي ڪردار جي تعريف ڪئي.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *