گهوٽڪي: بگي واهه واري علائقي ۾ ٽڪ ٽاڪر ناري سميرا راجپوت پراسرار نموني فوت
گهوٽڪي ( رپورٽ: لالا آصف بلوچ ) بگو واهه واري علائقي ۾ ٽڪ ٽاڪر سميرا راجپوت پر اسرار نموني فوت ٿي وئي آهي، فوتي عورت جي ڀاءُ صدام راجپوٽ جو چوڻ آھي ته سندس ڀيڻ کي علي راجپوت ۽ عدنان راجپوت زھر ڏئي قتل ڪيو آھي.
اطلاع تي اي سيڪشن پوليس الزام ھيٺ آيل ٻن جوابدان علي راجپوت ۽ عدنان راجپوت کي گرفتار ڪري ورتو آھي، ھوڏانھن اي سيڪشن پوليس واقعي واري ھنڌ پھچي فوتي عورت جو مڙهه تحويل ۾ وٺي تعلقا اسپتال مان پوسٽ مارٽم بعد وارثن حوالي ڪري ڇڏيو آخري اطلائن تائين واقعي جو ڪيس داخل ناھين ٿي سگھيو
