خيرپور: پوليس جو ڏوهارين سان مبينا مقابلو، 2 جوابدار سوگها، هڪ موٽرسائيڪل ۽ هٿيار هٿ
خيرپور ( رپورٽ: زبير سومرو) پوليس پڌرائي موجب ٻٻرلوءِ ٿاڻي جي حد ڳوٺ وسريو واهڻ روڊ تي ڏوهارين جي ڏوهه جي ارادي سان موجودگي واري اطلاع تي ٻٻرلوءِ پوليس جي ٽيم پهتي ته ڏوهارين ۽ پوليس وچ ۾ مقابلو ٿي پيو ان دوران پوليس ٻن ڏوهارين کي زخمي حالت ۾ گرفتار ڪري سندن قبضي مان ون ٽو فاءِ موٽر سائيڪل ۽ پسٽل هٿ ڪيا آهن
پوليس موجب گرفتار زخمي ڏوهارين جي سڃاڻپ علي نواز پٽ بخشو ۽ علي جان عرف بابل پٽ علي شير جاگيراڻي جي نالن سان ٿي آهي، جيڪي ڌاڙن، چورين سميت ٻين سنگين ڏوهن ۾ پوليس کي گهربل هئا
پوليس موجب زخمي حالت ۾ گرفتار ٿيل ڏوهاري موٽرسائيڪل ۽ موبائل فون ڦر ۽ چوري ڪندڙ ٽولي جا سرگرم ميمبر آهن
پوليس موجب گرفتار ڏوهارين جو وڌيڪ ڪرمنل رڪارڊ ٻين ضلعن مان به معلوم ڪيو پيو وڃي.
