نصيرآباد: ڪربلا جي شهيدن جي چهلم جي سلسلي ۾ عزاخانه زھره مان ماتمي جلوس برآمد
نصيرآباد (رپورٽ: سيد قمر عباس ) ٻين شهرن جيان نصيرآباد ۾ به ڪربلا جي شھيدن جي چھلم جي حوالي سان مرڪزي امام بارگاهه عزاخانا زھره لغاري محلا کان سيد علي رضا شاھه جي اڳواڻي ۾ ماتمي جلوس برآمد ڪيو ويو، ماتمي جلوس روايتي رستن کان ٿيندو ابوتراب چوڪ تي پهتو جتي مجلس عزا برپا ڪئي وئي، جڏهن ته عزادارن کي مولانا غلام حسين نعيمي خطاب ڪيو، هوڏانهن جلوس جي رستن تي سبيلون لڳايون ويون ۽ ننگر نياز جو بندوبست ڪيو ويو
