پاڪستان ٽئين ٽي 20 ۾ بنگلاديش کي 73 رنسن تان شڪست ڏئي ڇڏي
( ويب ڊيسڪ ) بنگلاديش جي شهر ميرپور ۾ کيڏيل ٽئين ۽ آخري ميچ ۾ميزبان بنگلاديش ٽاس کٽي پاڪستان خلاف پهرين فيلڊنگ جو فيصلو ڪيو.
مهمان ٽيم پهرين بيٽنگ ڪندي مقرر 20 اوورن ۾ 7 وڪيٽن جي نقصان تي 178 رنسون ٺاهيون.
پاڪستاني اوپنر صاحبزاده فرحان 63 رنسون ٺاهيون، حسن نواز 33، محمد نواز 27 ۽ صائم ايوب 21 رنسون ٺاهيون.
بنگلاديش طرفان تسڪين احمد 3 وڪيٽون ۽ نسيم احمد 2 وڪيٽون ورتيون، جڏهن ته بنگلاديش جي محمد سيف الدين 35 رنسون ٺاهيون.
جڏهن ته ٽن ميچن تي ٻڌل سيريز بنگلاديش 2_1 تان کٽي ورتي آهي
