خيرپور ۾ رولو ڪتن جو آزار وڌي ويو، ڇتن ڪتن جي حملن ۾ 6 ڄڻا زخمي
خيرپور ( رپورٽ: زبير سومرو ) خيرپور ۽ لقمان شهر جي مختلف علائقن ۾ رولو ڪتن 6 ڄڻن مٿان حملو ڪري کين زخمي ڪري ڇڏيو
زخمين ۾ فيصل، گلزار، محمد حسن، سرفراز، ظهير احمد ۽ انور حسين شامل آهن جن کي سول اسپتال خيرپور منتقل ڪيو ويو جتي سندن علاج ھلندڙ آهي
ھوڏانھن متاثرن جي وارثن ميونسپل ڪاميٽي جي اختيارين کان مطالبو ڪيو آهي ته خيرپور ۾ ڪتا مار مهم شروع ڪري ڪتن جو آزار ختم ڪرايو وڃي
