شھدادپور ھنگورا چوڪ ڀرسان ٽرڪ ۽ موٽرسائيڪل ۾ ٽڪر، نوجوان فوت

Screenshot 2025-07-24 14-10-49

شهدادپور ( رپورٽ: مذمل مصطفيٰ کوکر ) ھنگورا چوڪ ڀرسان ٽرڪ ۽ موٽرسائيڪل ۾ ٽڪر جي نتيجي ۾ 20 ورهين جو نوجوان وقار علي ولد علي مراد سولنگي فوت ٿي ويو

ضروري قانوني ڪاروائي بعد فوتي جو مڙهه وارثن حوالي ڪيو ويو، مڙهه گهر پهچڻ تي ڪھرام مچي ويو ۽ علائقي ۾ سوڳ جي فضا ڇانئجي وئي.

ٻئي طرف پوليس ڪاروائي ڪندي ٽرڪ کي پنهنجي تحويل ۾ وٺي ڇڏيو، جڏهن ته ٽرڪ ڊرائيور موقعي تان فرار ٿي ويو، پوليس ٽرڪ ڊرائيور جي ڳولا شروع ڪري ڇڏي آهي.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *