ڏهرڪي: نيشنل ليبر فيڊريشن جي سڏ پريس ڪلب آڏو احتجاج

WhatsApp Image 2025-07-24 at 12.15.25_773f280e

ڏهرڪي ( رپورٽ: وسيم اڪرم ڀٽو ) ڏهرڪي ۾ نيشنل ليبر فيڊريشن جي مرڪزي صدر شمس الرحمن سواتي جي اڳواڻي ۾ هزارين مزدورن جو احتجاج رڪارڊ ڪرايو آهي، احتجاج ۾ وطن دوست مزدور فيڊريشن جي مرڪزي صدر ايڊووڪيٽ جمشيد احمد فيض ۽ مرڪزي چيئرمين عبدالحق کٽياڻ جي خصوصي شرڪت ڪئي، مزدور دشمن سنڌ ۽ پنجاب ليبر ڪوڊ 24 نامنظور جا نعره هنيا ويا

سندن چوڻ هو ته ميڊيا ۾ ڪم ڪندڙ مزدور ڏھاڙيدار مزدور کان وڌيڪ مظلوم آهن، اسان جي مطالبن ۾ ميڊيا جي مزدورن جا مطالبا پڻ شامل آهن، نئين قانون ذريعي مزدورن جا حق ختم ڪرڻ جي سازش بي نقاب ٿي چڪي آهي، مزدور اڳواڻن پاران احتجاجي تحريڪ تيز ڪرڻ جو اعلان، هنن وڌيڪ چيو ته حڪومت ترميم واپس نه ورتي ته ملڪ گير تحريڪ هلائي ويندي

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *