ملڪ ۾ برساتن سبب وڌيڪ 10 ڄڻا فوت، فوتين جو انگ 252 ٿي ويو
( ويب ڊيسڪ ) نيشنل ڊزاسٽر مئنيجمينٽ اٿارٽي (اين ڊي ايم اي) موجب 26 جون کان وٺي ملڪ ۾ برساتن سبب فوتين جو انگ 252 تائين وڃي پهتو آهي.
اين ڊي ايم اي جو چوڻ آهي ته پنجاب ۾ سڀ کان وڌيڪ 139 ماڻهو فوت ٿيا، ان کان علاوه مختلف حادثن ۾ زخمي ٿيندڙن جو انگ 611 تائين پهچي ويو آهي.
اين ڊي ايم اي جو چوڻ آهي ته 24 ڪلاڪن ۾ برساتن دوران ملڪ ۾ 151 گهر ڊهي پيا ۽ 120 ڍور پڻ فوت ٿيا آهن.
پنجاب ۽ خيبر پختونخواهه ۾ اڄ وڌيڪ تيز برساتن لاءِ الرٽ جاري ڪيو ويو آهي.
اين ڊي ايم اي جو چوڻ آهي ته شهرين کي وڻن، بل بورڊن ۽ غير محفوظ اڏاوتن کان پري رهڻ گهرجي.
