قاضي احمد: ناز محل ھوٽل جي ڪيبن تان پان وٺڻ آيل نوجوان جي موٽرسائڪل چوري
قاضي احمد ( رپورٽ: جاويد سيال ) متاثر ماستر ناصر قاضي ميڊيا کي ٻڌايو ته مون ناز محل ڀرسان ڪيبن تان پان ٺھرايو جتي تمام گهڻي رش هئي، جڏهن آئون پان وٺي پنهنجي گاڏي ڏي پهتس ته منهنجي گاڏي موجود نه ھئي،
متاثر چيو ته مان ايس ايس پي شھيد بينظيرآباد کان مطالبو ڪريان ٿو ته مان ھڪ غريب آھيان منهنجي گاڏي واپس ڪرائي مون سان انصاف ڪيو وڃي
