خيرپور: پوليس جون سماج دشمنن خلاف ڪاروائيون جاري، 4 جوابدار سوگها

WhatsApp Image 2025-07-23 at 22.32.24_15d42a55

خيرپور ( رپورٽ: زبير سومرو ) پوليس جون منشيات فروشن ۽ غير قانوني طور هٿيار رکندڙن خلاف ڪاروائيون جاري آهن، چئن جوابدارن کي گرفتار ڪري سندن قبضي مان منشيات ۽ هٿيار هٿ ڪيا ويا، مٿن ڪيس داخل

پوليس پڌرائي موجب ايس ايس پي خيرپور حسن سردار نيازي جي حڪمن تي عمل ڪندي راڻيپور، اڳڙا، ٺري ميرواهه ۽ گمبٽ ٿاڻن جي پوليس ڪاروائيون ڪيون آهن

پوليس ٽيمن گشت دوران ۽ ڳجھا اطلاع ملڻ بعد ڪاروائيون ڪري چئن جوابدارن سبحان خاصخيلي، غلام حسين عرف گامون گوپانگ، جنيد دستي ۽ غلام فريد ڪٻر کي گرفتار ڪيو آهي،

پوليس موجب گرفتار جوابدارن جي قبضي مان وڏي مقدار ۾ چرس، شراب جون بوتلون، هڪ پسٽل ۽ گوليون برآمد ڪيون ويون مٿن ڪيس داخل ڪيا ويا 

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *