پنجاب ۽ خيبرپختونخواهه ۾ 24 ڪلاڪن دوران طوفاني برسات جو امڪان

download

( ويب ڊيسڪ ) اين ڊي ايم اي موجب، ايندڙ 12 کان 24 ڪلاڪن دوران چترال، دير، سوات، ڪالام، مانسهره، بٽگرام ۽ ايبٽ آباد ۾ تيز برسات جو امڪان آهي. جڏهن ته هري پور، صوابي، مردان، پشاور، چارسده، ڪوهاٽ ۽ هنگو ۾ به تيز برسات جو امڪان آهي.

پنجاب ۾ راولپنڊي، جهلم، چڪوال، تله گنگ، منڊي بهاءُ الدين ۽ گجرات جي علائقن ۾ به برسات جو امڪان ظاهر ڪيو ويو. لاهور، گوجرانوالا، نارووال، حافظ آباد، چنيوٽ ۽ سيالڪوٽ ۾ به برسات جو امڪان آهي.

اين ڊي ايم اي جو وڌيڪ چوڻ آهي ته تيز برساتن سبب وڄ ڪرڻ جي ڪري بجلي بند ٿيڻ ۽ ڪمزور اڏاوتن کي نقصان پهچڻ جو خطرو آهي. تنهن ڪري عوام کي وڻن، بل بورڊن ۽ غير محفوظ اڏاوتن کان پري رهڻ گهرجي.

اين ڊي ايم اي جي ترجمان جو چوڻ آهي ته عوام کي برسات دوران غير ضروري سفر کان پاسو ڪرڻ گهرجي.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *