ملڪ ۾ في تولو سون جي قيمت ۾ 37 سئو رپيا واڌ
سنڌ صرافه بازار ايسوسيئيشن موجب، ملڪ ۾ في تولو سون جي قيمت ۾ 37 سئو رپيا واڌ بعد سون جي قيمت 3 لک 64 هزار 9 سئو رپيا في تولو رپيا ٿي وئي آهي.
10 گرام سون جي قيمت ۾ 3,171 رپيا واڌ ٿي آهي. جنهن کان پوءِ 10 گرام سون جي قيمت 312,842 رپيا ٿي وئي آهي.
