افغانستان پاران تيار ڪيل بس ۽ ڪار نمائش لاءِ پيش

asif breaking - Copy

ڪابل ( ويب ڊيسڪ ) گذريل ڏينهن ڪابل ۾ افغانستان جي اقتصادي معاملن جي نائب وزيراعظم ملا عبدالغني ۽ انتظامي معاملن جي نائب وزيراعظم مولوي عبدالسلام حنفي صنعتي ڪارخانن جي ڪمپليڪس جو افتتاح ڪيو.

افغان حڪومت جو چوڻ آهي ته هي ڪمپليڪس هن وقت 105 مختلف قسمن جون شيون تيار ڪري رهيو آهي، جن ۾ زرعي مشينري، سامان، ننڍين صنعتي ڪارخانن لاءِ اسپيئر پارٽس، ٽرانسپورٽ گاڏيون ۽ ٻيون شيون شامل آهن.

افتتاحي تقريب دوران نيشنل ڊولپمينٽ ڪارپوريشن ڪمپليڪس پاران تيار ڪيل ڪيتريون ئي شيون پڻ نمائش ۾ رکيون ويون، نمائش ۾ مقامي طور تي تيار ڪيل بس ۽ ڪار پڻ ڏيکاري وئي، افغان ڪابينا جي ميمبرن نئين تيار ٿيل بس ۾ سفر ڪيو.

افغان حڪومت ۽ افغان طالبان جي ترجمان ذبيح الله مجاهد ايڪس تي بس جون تصويرون پوسٽ ڪيون ۽ لکيو ته ڪجهه ڏينهن اڳ مون اعلان ڪيو هو ته افغانستان پنهنجي پهرين قومي بس ٺاهي آهي، اڄ ان  بس کي نمائش لاءِ پيش ڪيو ويو آهي، هن چيو ته مان گذريل رات قومي بس ۾ سوار ٿي سواري ڪئي آهي

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *