سڳيون: حسن شهيد ٿاڻي جي حد مان اغوا ٿيل شاگرد جي بازيابي لاءِ ڳوٺاڻن جو احتجاج
سڳيون ( رپورٽ: نجيب ڪلهوڙو ) سڳيون ڳوٺ حاجي محمد صالح سيال واسين جو حسن شهيد ٿاڻي جي حد مان اغوا ٿيل اٺين ڪلاس جي شاگرد محمد اسحاق سيال جي بازيابي لاءِ وارثن طرفان خانواهڻ ويندڙ لنڪ روڊ تي ٽائرن کي باهيون ڏئي احتجاج ان موقعي تي اغوا ٿيل شاگرد محمد اسحاق سيال جي والد مدد سيال، امداد سيال، ذوالفقار، علي اڪبر، علي نواز ۽ ٻين دانهيندي چيو ته هڪ مهينو اڳ جوابدارن عابد مستوئي ۽ ٻين ڳوٺ حاجي محمد صالح سيال مان اوطاق تي موجود اٺين ڪلاس جي شاگرد محمد اسحاق سيال کي اغوا ڪري ويا هئا، اسان جي معصوم اٺين ڪلاس جي شاگرد محمد اسحاق سيال کي هڪ مهينو کان وڌيڪ گذرڻ باوجود پوليس کيس بازياب ناهي ڪرائي سگهي وس وارا مامري جو نوٽيس وٺي اسان جي نينگر کي بازياب ڪرائن
