اوٻاوڙو: پوليس جي ڪاروائي 3 جوابدار سوگها، 7 موٽرسائڪلون برآمد
اوٻاوڙو ( رپورٽ: غلام قمبر بوهڙ ) پوليس پاران ڊي ايس پي عبدالقادر سومرو جي اڳواڻي ۾ ڏوھارين خلاف ڪاروائي ڪئي ڪاروائي ۾ ٽي ڏوھارين کي گرفتار ڪيو ويو، جن وٽان ڦر ٿيل 7 موٽرسائيڪلن ۽ سولر پليٽن سميت چوري ٿيل سامان برآمد ڪيو ويو آهي
پوليس موجب گرفتار ٿيل ڏوھارين جي وڏي گينگ آهي جن کان وڌيڪ پڇا ڳاڇا ڪئي پئي وڃي، جلد ٻين جوابدارن کي گرفتار ڪيو ويندو، ڊي ايس پي وڌيڪ چيو ته هي ڪاروائي ايس ايس پي گهوٽڪي انو کيتران جي هدايت ته ڪئي وئي آهي ڏوهارين ۽ منشيات فروشن خلاف وڌيڪ ڪاروايون جاري آهن
