راولپنڊي ۽ اسلام آباد سميت مختلف شهرن ۾ تيز برسات، برسات بعد هيٺاهين وارا علائقا ٻڏي ويا
( ويب ڊيسڪ ) راولپنڊي ۽ اسلام آباد سميت مختلف شهرن ۾ تيز برسات، برسات بعد هيٺاهين وارا علائقا ٻڏي ويا، ۽ مواصلاتي نظام درهم برهم آهي
اسلام آباد ۾ تيز برسات سبب سوان ندي اوور فلو ٿي وئي آهي، ۽ راولپنڊي ۾ برساتي پاڻي گهرن ۾ داخل ٿي ويو آهي
لاهور جي مختلف علائقن ۾ هيٺاهين وارا علائقا مال روڊ، لڪشمي چوڪ، ڳڙهي شاهو، سول سيڪريٽريٽ، چوبرجي، مزنگ ۽ ڪينال روڊ پاڻي هيٺ اچي ويا آهن
ان کان علاوه ڪراچي جي مختلف علائقن ۾ به برسات پئي. پسرور ۾ برسات سبب ڪيترائي فيڊر ٽرپ ٿي ويا جنهن بعد بجلي جي فراهمي معطل ٿي وئي آهي. ٻئي طرف اين ڊي ايم اي اترين علائقن ۾ لينڊ سلائيڊنگ ۽ ڪجهه هنڌن تي ٻوڏ جو الرٽ جاري ڪيو آهي.
