ايس ايس پي گهوٽڪي 6 پوليس عملدارن کي نوڪرين تان فارغ ڪري ڇڏيو
گهوٽڪي ( رپورٽ: لالا آصف بلوچ ) ايس ايس پي انور کيتران ڊيوٽي دوران لاپرواهي ڪرڻ ۽ ڏوهارين سان لاڳاپا رکڻ جي الزام هيٺ 6 پوليس عملدارن کي نوڪريءَ تان فارغ ڪري ڇڏيو آهي
پوليس ترجمان موجب پوليس اهلڪار ساجد ڪولاچي کي ڏوهارين سان رابطن ۾ هجڻ جي سنگين الزام هيٺ کيس ڊسمس فرام سروس ڪيو ويو.
جڏهن ته 5 اهلڪارن جميل مهر، ظھور مهر، اميد رڪ، امداد الله مهر ۽ منظور حسين خلجي کي به نوڪري تان برطرف ڪيو ويو،
ان موقعي تي ايس ايس پي محمد انور کيتران واضع ڪيو ته جيڪي اهلڪار ايمانداري ۽ فرض شناسيءَ سان پنهنجون ذميواريون نڀائيندا، تن کي انعامن سان نوازيو ويندو، جيڪي پوليس عملدار لاپرواهي ڪندا تن خلاف سخت کان سخت قانوني ۽ اداري سطح تي ڪارروائي ڪئي ويندي.
