غزا ۾ ڏڪار! ٽن ڏينهن ۾ 21 ٻار بک ۽ بدحالي سبب فوت ٿي ويا

IMG-20250722-WA0100.jpg

( ويب ڊيسڪ ) غزه ۾ ڏڪار جي صورتحال انتهائي سنگين ٿي چڪي آهي. اسرائيلي فوج جي مستقل ناڪا بندي سبب مصري سرحد تي بيٺل امدادي ٽرڪن کي داخل ٿيڻ جي اجازت نه پئي ڏني وڃي، جنهن ڪري فلسطيني عوام هڪ ويلهي لاءِ به پريشان ٿي ويا آهن

غزه جي پٽي ۾ 24 ڪلاڪن دوران چئن ٻارڙن سوڌو 15 فلسطيني بک ۽ بدحالي سبب شهيد ٿي ويا آهن.

عرب ميڊيا جي رپورٽ موجب گذريل ٽن ڏينهن ۾ غزه ۾ 21 ٻار خوراڪ جي کوٽ سبب فوت ٿي ويا ۽ غزه ۾ خوراڪ جي کوٽ جي نتيجي ۾ هن مهل تائين 80 ٻارن سوڌو 101 فلسطيني شهيد ٿي چڪا آهن

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *