بلوچستان ۾ سيڪيورٽي فورسز جو آپريشن، فتنه الھندوستان جا 8 دهشتگرد جهنم واصل
( ويب ڊيسڪ ) آءِ ايس پي آر موجب بلوچستان جي قلات ضلعي ۾ فتنه الھندوستان دهشتگردن جي موجودگي جي اطلاع تي انٽيليجنس بيسڊ آپريشن ڪيو ويو
سيڪيورٽي فورسز جي آپريشن دوران فتنه الھندوستان دهشتگردن جي ٺڪاڻن کي نشانو بڻايو ويو. فائرنگ جي ڏي وٺ ۾ 8 فتنه الھندوستان دهشتگرد مارجي ويا.
آءِ ايس پي آر موجب، مارجي ويل دهشتگردن کان هٿيار گولا بارود ۽ ڌماڪيدار مواد پڻ هٿ ڪيو ويو. مارجي ويل دهشتگرد ڪيترن ئي دهشتگرد سرگرمين ۾ ملوث هئا.
