پي ٽي آءِ پاران 5 آگسٽ تي مينار پاڪستان تي جلسي جو اعلان

jj

( ويب ڊيسڪ ) پي ٽي آءِ لاهور جي صدر شيخ امتياز ڊپٽي ڪمشنر لاهور کي جلسي جي اجازت لاءِ درخواست جمع ڪرائي ڇڏي. درخواست ۾ چيو ويو آهي ته جلسي جو مقصد باني پي ٽي آءِ عمران خان جي آزادي لاءِ عوامي راءِ کي اجاگر ڪرڻ آهي.

درخواست ۾ وڌيڪ چيو ويو ته 5 آگسٽ تي شام 4 کان رات 10 وڳي تائين صوبائي اسيمبلي جا ميمبر پارٽي قيادت سان گڏ مينار پاڪستان تي جلسو ڪرڻ چاهين ٿا. هي جلسو پرامن ۽ جمهوري گهرجن مطابق هوندو.

شيخ امتياز درخواست ۾ چيو آهي ته جيڪڏهن مينار پاڪستان تي جلسي جي اجازت ممڪن ناهي ته پوءِ متبادل جاءِ تي ڏني وڃي.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *