بنگلاديش ۾ ايئر فورس جي تربيتي جهاز حادثي ۾ فوتين جو انگ 27 ٿي ويو
( ويب ڊيسڪ ) بنگلاديشي اختيارين موجب ايئر فورس جو تبيتي جهاز ڍاڪا جي هڪ اسڪول جي عمارت تي ڪري پيو جنهن جي نتيجي ۾ 26 ٻار ۽ تربيتي جهاز جو پائلٽ فوت ٿي ويا، جڏهن ته ڪيترائي اسپتال ۾ علاج هيٺ آهن.
فوجي ترجمان جو چوڻ آهي ته جهاز ۾ اڏام بعد فني خرابي پيدا ٿي. پائلٽ جهاز کي آبادي کان پري کڻي وڃڻ جي ڪوشش ڪئي پر هو ائين ڪرڻ ۾ ناڪام رهيو.
