ڪنڌڪوٽ پوليس جو مبينا مقابلو هڪ ڏوهاري زخمي حالت ۾ گرفتار ڪرڻ جي دعويٰ
ڪنڌڪوٽ (رپورٽ: عابد کوسو) اي سيڪشن ٿاڻي جي حد چنا پٽي ڀرسان ڏوهاري ڦر جي ارادي سان موجود هئا ته انچارج مددگار ڪنڌڪوٽ خليل لغاري ۽ سندس ٽيم گشت دوران پهچي وئي، جتي ڏوهارين سان مبينا مقابلو ٿيو
پوليس ۽ ڏوهارين وچ ۾ فائرنگ جي ڏي وٺ ٿي، جنهن جي نتيجي ۾ هڪ ڏوهاري زخمي حالت ۾ گرفتار ڪرڻ جي دعويٰ ڪئي وئي آهي، جڏهن ته سندس ساٿي فرار ٿيڻ ۾ ڪامياب ٿي ويا
ايس ايس پي ڪشمور ڪنڌڪوٽ محمد مراد گھانگھرو موجب پوليس پاران سرچ آپريشن جاري آهي
زخمي حالت ۾ گرفتار ڏوهاري جي سڃاڻپ اڪرم شيخ طور ڪئي وئي جنهن وٽان هڪ پسٽل هٿ آيو، جڏهن ته کيس زخمي حالت ۾ علاج لاءِ فوري طور تي اسپتال منتقل ڪيو ويو.
