شڪارپور: نيوز نائو ايڇ ڊي جي رپورٽر کي مليل ڌمڪين بعد مذمت جو عمل هلندڙ
شڪارپور (رپورٽ: عاشق ڪلهوڙو) شڪارپور ۾ نيوز نائو ايڇ ڊي جي سينيئر رپورٽر عاشق ڪلهوڙو کي اڻڄاتل ڏوهارين پاران 50 لک رپيا ڀتو نه ڏيڻ تان مليل موتمار ڌمڪين بعد مذمت جو عمل جاري آهي،
جمعيت علماءِ اسلام ضلعه شڪارپور جي امير حضرت عبدالله مهر پنهنجي وفد سان گڏ نيشنل پريس ڪلب پهچي واقعي تي مذمت ڪئي
جي يو آءِ ضلعي امير عبدالله مھر نيوز نائو ايڇ ڊي جي رپورٽر عاشق ڪلهوڙو سان ملاقات ڪري کيس مڪمل سهڪار جو يقين ڏياريو.
ان موقعي تي هن چيو ته شڪارپور ۾ ڏوهاري بي قابو ٿي ويا آهن ۽ انتظاميا صرف تماشو ڏسي رهي آهي صحافي کي ملندڙ ڌمڪين جو فوري نوٽيس وٺي صحافي تحفظ فراهم ڪيو وڃي
