سنڌ جي مختلف شهرن ۾ مون سون برساتن جو سلسلو جاري، موسم خوشگوار

Heavy_raining_in_Ajdovščina._(5985812613)

( نمائندن وٽان ) سئي گئس، خيرپور، ڪنڌڪوٽ، رتوديرو، ڏوڪري، موئن جو دڙو، ميهڙ، دريا خان مري، ٻانڌي، بدين سميت ننڍن وڏن شهرن ۾ مون سون برساتن جو سلسلو جاري آهي، خيرپور ۾ برسات بعد بجلي جا ڪيترائي فيڊر ٽرپ ڪري ويا، خيرپور شهر ۽ ڀرپاسي جي بجلي جي فراهمي متاثر

گمبٽ ۾ مون سون برساتن جي پهرين وسڪار بعد شهر ۾ سيلابي صورتحال، ميونسپل عملي پاران پاڻي نيڪالي جو عمل جاري

ڪنڌڪوٽ ۾ وقفي وقفي سان برسات بعد هيٺاهين وارن علائقن ۾ پاڻي جمع ٿي ويو جڏهن ته موسم خوشگوار بڻجي ويو آهي

ياد رهي ته محڪمه موسميات پاران سيلابي صورتحال کي نظر ۾ رکندي الرٽ پڻ جاري ڪيا ويا آهن جنهن بعد لاڳاپيل اختيارين کي هدايت ڪئي وئي آهي ته ڪنهن به هنگامي صورتحال کي منهن ڏيڻ لاءِ اڳواٽ ئي اپاءَ ڪيا وڃن

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *