بلوچستان جي علائقي پهرود ۾ سيڪيورٽي فورسز جي ڪاروائي، فتنه الھندوستان جا 4 دهشتگرد مارجي ويا
( ويب ڊيسڪ ) سيڪيورٽي ذريعن موجب 19 ۽ 20 جولاءِ جي رات سڪيورٽي فورسز دهشتگردن خلاف آپريشن ڪيو. نتيجي ۾ 4 دهشتگرد جهنم واصل جڏهن ته دهشتگردن وٽان فتنه الھندوستان جو جهنڊو ۽ هٿيار به هٿ ڪيا ويا.
سيڪيورٽي ذريعن جو چوڻ آهي ته علائقي ۾ فتنه الھندوستان خلاف ڪليئرنس آپريشن جاري آهي. فتنه الھندوستان تازو ئي معصوم پاڪستانين تي دهشتگرد حملا ڪيا آهن. فتنه الھندوستان جي دهشتگردن ۽ سهولتڪارن کي عبرت جو نشان بڻايو ويندو.
