شڪارپور ۾ نيوز نائو ايڇ ڊي جي رپورٽر عاشق ڪلهوڙو کي ڌاڙيلن پاران ڌمڪيون

WhatsApp Image 2025-07-20 at 12.20.03_1f33d5f4

شڪارپور ( رپورٽ: عاشق ڪلهوڙو ) نيوز نائو ايڇ ڊي جي سينيئر رپورٽر ۽ نيشنل پريس ڪلب شڪارپور جي صدر عاشق ڪلهوڙو کي ڪچي جي ڌاڙيلن پاران فون ڪالز ۽ واٽس اپ ذريعي موتمار ڌمڪيون ڏنيون ويون آهن، صحافي کي مليل ڌمڪين بعد سموري سنڌ جي صحافين ۾ تاءُ پکڙيل آهي

ان حوالي سان سينيئر صحافي عاشق ڪلهوڙو جو چوڻ آهي ته ڪيترن ئي ڏينهن کان مسلسل موتمار ڌمڪيون ملي رهيون آهن ڏوهارين فون ڪالز ۽ واٽس اپ ذريعي 50 لک رپيا ڀتو طلب ڪيو آهي، نه ڏيڻ جي صورت ۾ خاندان سميت اغوا ۽ موتمار ڌمڪيون ڏنيون ويون آهن

ان سلسلي ۾ اڄ شڪارپور بچايو تحريڪ جي وفد نيشنل پريس ڪلب شڪارپور پهچي صحافي عاشق ڪلهوڙو کي مليل موتمار ڌمڪين جي مذمت ڪئي آهي شڪارپور بچايو تحريڪ جي وفد واضح ڪيو ته صحافت خلاف ٿيندڙ هن سازش جو مقصد سچ کي دٻائڻ ۽ آزاد آواز کي خاموش ڪرائڻ آهي، جنهن کي هرگز برداشت نه ڪيو ويندو

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *