نيو سعيد آباد: ڳوٺ شير محمد بروهي واسين جو کڏر پوليس خلاف احتجاج
نيوسعيدآباد ( رپورٽ: محبوب ڪاڪا ) ڳوٺ شير محمد بروهي جي رهواسين پاران کڏهر پوليس خلاف احتجاج ڪندي مطالبو ڪيو ته پنج ڏينهن کان بلاجواز گرفتار ڪري گم ڪيل نوجوان کي آزاد ڪرايو وڃي، استاد عنايت الله بروهي، محمد يوسف بروهي، حامد بروهي، عظمت بروهي، حق نواز بروهي ۽ ٻين چيو ته پوليس پنج ڏينهن اڳ رات جي وقت ڳوٺ ڏانهن ايندي اسانجي نوجوان قربان بروهي کي گرفتار ڪري نامعلوم هنڌ منتقل ڪيو، کڏر پوليس جو چوڻ آهي ته ايس ايس پي نوابشاهه جي حڪم تي توهان جي نوجوان کي گرفتار ڪيو ويو آھي جيڪو ايس ايس پي وٽ موجود آھي جڏهن ته اسان جي ساڻس ملاقات به نه ٿي ڪرائي وڃي،
