مختلف شهرن ۾ وڌيڪ برساتن جو امڪان، ٻوڏ جي صورتحال کي نظر ۾ رکندي الرٽ جاري

IMG-20250720-WA0026.jpg

( ويب ڊيسڪ ) موسميات کاتي 25 جولاءِ تائين وڌيڪ برساتن جي اڳڪٿي ڪئي آهي، جنهن بعد نيشنل ڊزاسٽر مئنيجمينٽ اٿارٽي امڪاني ٻوڏ جي صورتحال بابت الرٽ جاري ڪيو آهي.

موسميات کاتي موجب، راولپنڊي ۽ اسلام آباد، خيبر پختونخوا، سنڌ ۽ بلوچستان ۾ تيز برساتن سبب هيٺاهين وارن علائقن ۾ ٻوڏ جو خطرو موجود آهي

اين ڊي ايم اي سڀني لاڳاپيل ادارن کي احتياطي تدبيرون مڪمل ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي ۽ عوام کي غير ضروري سفر کان پاسو ڪرڻ ۽ احتياطي تدبيرون اختيار ڪرڻ جي اپيل ڪئي آهي.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *