ٺٽو: ڪينجهر ڍنڍ ويندڙ بس کاهي ۾ ڪري پئي، 6 ڄڻا فوت

IMG-20250720-WA0021.jpg

( ويب ڊيسڪ ) ڪراچي کان ڪينجهر ڍنڍ تي پڪنڪ لاءِ ويندڙ بس تيز رفتاري سبب مڪلي باءِ پاس ويجهو کاهي ۾ ڪري پئي.

ريسڪيو اختيارين موجب حادثي ۾ 6 ڄڻا فوت ۽ 12 سخت زخمي ٿي پيا آهن. متاثر ماڻهن جو تعلق ڪراچي جي اورنگي ٽائون واري علائقي سان ٻڌايو پيو وڃي، جيڪي تفريح لاءِ نڪتا هئا.

امدادي ٽيمون حادثي واري هنڌ پهچي لاشن ۽ زخمين کي اسپتال منتقل ڪيو، جتي ٻن زخمين جي حالت نازڪ آهي.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *