ميهڙ: گاجي کهاوڙ روڊ تي ٽريڪٽر ٽرالي ۽ ٻن موٽرسائيڪلن ۾ ٽڪر 4 ڄڻا فوت
ميهڙ (رپورٽ: ساحل ارشاد سومرو) فوتين ۾ ميھڙ جي ڳوٺ روڻي جا رھواسي سجاد علي سندس ڀاءُ ساجد علي ۽ عامر علي، راشد لاشاري شامل آھن
فوتين جا مڙهه تعلقه اسپتال ميھڙ آندا ويا جڏھن ته حادثي بعد وڏي تعداد ۾ شھري ۽ علائقي واسي اسپتال پھتا وارثن ۾ روڄ راڙو متل
فوتين جي وارثن موجب ته نوجوان ٻن موٽرسائيڪلن تي ڳوٺ اچي رھيا ھئا ته سامھون ايندڙ ٽريڪٽر ٽرالي جي ٽڪر ۾ فوت ٿي ويا آھن
