ٺل: نوڪري وٺي ڏيڻ بهاني ڳلو ڪپي قتل ٿيل نوجوان جو مڙهه 10 ڪلاڪن بعد وارثن حوالي

IMG-20250719-WA0176.jpg

ٺل ( رپورٽ: سلطان ڀٽي ) نوڪري وٺي ڏيڻ بهاني ڳلو ڪپي قتل ٿيل نوجوان زاهد جاويد جو لاش 10 ڪلاڪن بعد وارثن حوالي ڪيو ويو

خانيوال واسي جاويد پنهنجي گهرواري سان گڏ ٺل پهچي پنهنجي پٽ جو لاش وصول ڪيو مقتول جي پيءَ جاويد احمد چيو ته پٽ کي نوڪري وٺي ڏيڻ جي بهاني جوابدار محمد علي نالي شخص وٺي ويو هو

مقتول نوجوان جي پيءَ وڌيڪ چيو ته پٽ جو ڳلو ڪپي قتل ڪري ظلم ڪيو ويو آهي، حڪومت نوٽيس وٺي انصاف مهيا ڪري

ياد رهي ته ٺل جي سي سيڪشن ٿاڻي جي حد جمعو ڊکڻ ۾ ملتان جي رهواسي نوجوان زاهد جاويد ۽ سلمان احمد کي نوڪري وٺي ڏيڻ بهاني گهرائي ڳلو ڪپي ڇڏيو هو

ٻنهي نوجوانن مان هڪ نوجوان زاهد جاويد فوت ٿي ويو جڏهن ته سلمان کي نازڪ حالت ۾ لاڙڪاڻي منتقل ڪيو

هوڏانهن واقعي جو ڪيس داخل نه ٿي سگهيو آهي ۽ نه ئي ڪو جوابدار گرفتار ٿي سگهيو آهي، پوليس جو چوڻ آهي ته وارث پهتا آهن ڪيس داخل ڪرائيندا ته داخل ڪيو ويندو

مقتول نوجوان جو لاش ايمبولينس ذريعي ٺل کان خانيوال منتقل ڪيو ويو

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *