عدالت پاران ڪي پي جي وڏي وزير علي امين گنڊاپور کي گرفتار ڪري پيش ڪرڻ جو حڪم
( ويب ڊيسڪ ) اسلام آباد جي ضلعي ۽ سيشن عدالت خيبر پختونخواهه جي وڏي وزير علي امين گنڊاپور جي گرفتاري لاءِ وارنٽ جاري ڪري ڇڏيا آهن.
عدالت شراب ۽ هٿيار هٿ اچڻ واري ڪيس ۾ علي امين گنڊاپور جي حاضري کان استثنيٰ جي درخواست رد ڪري ڇڏي. وارنٽ جوڊيشل مئجسٽريٽ مبشر حسن چشتي جاري ڪيا.
ان کان اڳ شراب ۽ هٿيار هٿ اچڻ واري ڪيس ۾ خيبرپختونخواهه جي وڏي وزير علي امين گنڊاپور جي وڪيل سيشن ڪورٽ ۾ پشاور هاءِ ڪورٽ جو فيصلو پيش ڪيو ۽ موقف اختيار ڪيو ته هي عدالت علي امين گنڊاپور جي گرفتاري جو وارنٽ جاري نٿي ڪري سگهي، ۽ ان کي سيپٽمبر ۾ تاريخ ڏيڻ گهرجي.
عدالت ڪيس جي ٻڌڻي 21 جولاءِ تائين ملتوي ڪري ڇڏي آهي
