شاهه رخ خان فلم جي شوٽنگ دوران زخمي، سرجري لاءِ آمريڪا منتقل

IMG-20250719-WA0113.jpg

( ويب ڊيسڪ ) ڀارتي ميڊيا موجب ڀارتي اداڪار شاهه رخ خان گولڊن ٽوبيڪو اسٽوڊيو ۾ پنهنجي نئين فلم ڪنگ لاءِ هڪ ايڪشن سين جي شوٽنگ ڪري رهيو هو جڏهن اداڪار کي چيلهه  ۽ ٻانهن تي ڌڪ لڳا

رپورٽ ۾ ڄاڻايو ويو ته شاهه رخ پنهنجي ٽيم سان گڏ فوري طبي امداد لاءِ آمريڪا روانو ٿي ويو آهي، جتي سندس سرجري ٿيندي، سرجري کانپوءِ ڊاڪٽرن اداڪار کي صحتياب ٿيڻ لاءِ هڪ مهينو آرام ڪرڻ جو مشورو ڏنو آهي.

سندس فلم جي شوٽنگ جيڪا هن وقت ممبئي ۾ جاري آهي، ملتوي ڪئي وئي آهي. فلم ڪنگ جي شوٽنگ جو ايندڙ شيڊول هاڻي سيپٽمبر يا آڪٽوبر ۾ شروع ٿيڻ جو امڪان آهي.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *