هنگو ۾ پوليس ۽ سيڪيورٽي فورسز جو آپريشن، 5 دهشتگرد مارجي ويا، ڊي پي او زخمي

IMG-20250719-WA0109.jpg

( ويب  ڊيسڪ ) خيبرپختونخواهه جي ضلعي هنگو ۾ پوليس ۽ سڪيورٽي فورسز جو مختلف علائقن ۾ دهشتگردن خلاف آپريشن، فائرنگ جي ڏي وٺ ۾ 5 دهشتگرد مارجي ويا.

ان دوران، ڊي پي او هنگو خالد خان ۽ ايس ايڇ او سخت زخمي ٿي پيا جن کي اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي. ڊي پي او هنگو خالد خان چيو ته دهشتگردن کي هر قيمت تي ختم ڪيو ويندو.

آپريشن جي اڳواڻي ڊي پي او خالد خان ڪئي،

آءِ جي خيبر پختونخوا ذوالفقار حميد چيو ته ڊي پي او هنگو جي حالت خطري کان ٻاهر آهي، هن چيو ته هن ڊي پي او سان ڳالهايو آهي، سندس حوصلو بلند آهي.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *