خيرپور: پريمي جوڙي جو تحفظ لاءِ صحافين آڏو احتجاج

IMG-20250719-WA0101.jpg

خيرپور (رپورٽ: زبير سومرو) پسند جو پرڻو ڪندڙ جوڙي ناري ثانيا اڄڻ ۽ نوجوان جمروز اڄڻ صحافين اڳيان دانهيندي ٻڌايو ته هنن ڪجهه ڏينهن اڳ پسند جي شادي ڪئي آهي جنهن تان ناري جا ماما علي خان اڄڻ، محمد حسن، نصرالله اڄڻ ۽ ٻين مٿن حملو ڪري قتل ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي پر پاڙي جي ماڻهن اسان جون حياتيون بچائي ورتيون

هنن ٻڌايو ته اسان جي زندگين کي خطرو آهي تنهنڪري ايس ايس پي خيرپور ۽ ٻين وس وارن کي اپيل آهي ته نوٽيس وٺي اسان کي تحفظ فراهم ڪيو وڃي

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *