چوهڙ جمالي: ڪربلا جي شهيدن جو چهلم عقيدت ۽ احترام سان ملهايو ويو، لاڻو فقير تان مرڪزي ماتمي جلوس برآمد
چوھڙجمالي ( رپورٽ: وقار ميمڻ ) ھر سال جيان ھن سال به حضرت امام حسين عليه السلام ۽ ڪربلا جي شھيدن جي چھلم جي موقعي تي مرڪزي ماتمي جلوس لاڻو فقير جي پڙ تان برآمد ڪيو ويو، ھر طرف ياحسين جون صدائون بلند، پوليس اھلڪار ۽ رضاڪار جلوس جي سيڪيورٽي لاءِ مقرر ڪيا ويا، لاڻو فقير امام بارگاهه تان برآمد ٿيل مرڪزي ماتمي جلوس پنھنجي روايتي رستن تان ٿيندو حيدري چوڪ تي اختتام پذير ٿيو، جڏهن ته اختتامي تقريب کي ذاڪر اھلبيت نثار علي قلندري خطاب ڪيو، هوڏانهن ايس ايس پي سجاول ڊاڪٽر عبدالخالق پيرزادو جي ھدايتن تي ايس ايڇ او چوھڙجمالي صفدر سولنگي پاران سڪيورٽي جا انتهائي سخت انتظام ڪيا ويا، جلوس جي سڪيورٽي لاءِ جا رينجرز جا جوان پڻ ڊيوٽيون سرانجام ڏيندا رهيا
