ٽنڊومستي: نظاماڻي ۾ ٽرالر ۽ ٽريڪٽر ٽرالي ۾ ٽڪر 3 ڄڻا فوت
ٽنڊومستي ( رپورٽ: غلام اصغر ابڙو ) شاهه حسين ٿاڻي جي حد نظاماڻي ۾ ٽرالر ۽ ٽريڪٽر ٽرالي ۾ زوردار ٽڪر ٿي پيو نتيجي ۾ محرم مجيداڻو، ھمير مجيداڻو ۽ طالب کوسو فوت ٿي ويا جڏھن ته نعمت ڪلھوڙو زخمي ٿي پيو آھي
فوتي محرم مجيداڻو ۽ ھمير مجيداڻو پيروسڻ واسي رهواسي ٻڌايا پيا وڃن جڏهن ته طالب کوسو ۽ نعمت ڪلھوڙو ڳاڙھي موري رهواسي آهن
