رتوديرو: لاڙڪاڻي پوليس جي مقابلي ۾ مارجي ويل ڏوهارين جي سڃاڻپ ڪئي وئي
رتوديرو ( رپورٽ: احسان بوزدار ) دوداپور واري علائقي ۾ لاڙڪاڻو پوليس جي مقابلي ۾ مارجي ويل ٽنهي ڄڻن جي سڃاڻپ 2 ڀائرن خادم دستي، امداد دستي ۽ سندن ساٿي نعمت الله دستي طور ٿي آهي
ياد رهي ته رات دير سان ايس ايس پي لاڙڪاڻو پاران مقابلي ۾ ٽنهي ڏوهارين کي مارڻ جي دعويٰ ڪئي هئي، ايس ايس پي موجب مارجي ويل ڏوهاري شهيد اهلڪار منير سومرو جي شهادت ۾ ملوث هئا
