علي امين گنڊاپور ناراض سينيٽ اميدوارن کي راضي نه ڪري سگهيو، راضي ڪرڻ جون ڪوششون جاري
پشاور: ( مانيٽرنگ ڊيسڪ ) خيبرپختونخواهه جي وڏي وزير علي امين گنڊاپور ۽ ناراض سينيٽ اميدوارن جي وچ ۾ ڳالهين جو پهريون دور ناڪام ٿي ويو آهي، جڏهن ته ٻيو اجلاس رات 9 وڳي ٿيندو.
پارٽي ذريعن موجب حڪومت ناراض اميدوارن کي دستبردار ٿيڻ جي آڇ ڪئي آهي، پر ناراض اميدوارن حڪومتي آڇ قبول ڪرڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو آهي، علي امين گنڊاپور ۽ ناراض سينيٽ اميدوارن جي وچ ۾ ملاقات ۾ سلمان اڪرم راجا ۽ شوڪت بصر موجود آهن
ناراض اميدوارن جو چوڻ آهي ته جيڪڏهن جي يو آءِ ۽ پي پي هڪ هڪ سيٽ ڇڏي ڏين ٿا ته پوءِ اسان به دستبردار ٿينداسين، جي يو آءِ کي هڪ جنرل يا ٽيڪنوڪريٽ سيٽ ڇڏڻي پوندي جڏهن ته پي پي کي هڪ جنرل يا عورتن جي سيٽ ڇڏڻي پوندي. اسان جو موقف واضح آهي ته پارٽي جون سيٽون مخالف ڌر کي مفت ۾ ڇو ڏنيون پيون وڃن.
