پاڪستان ڀارت کي شڪست ڏئي ايشين انڊر 16 والي بال چيمپئن شپ جي فائنل ۾ پهچي ويو
(ويب ڊيسڪ ) پاڪستان ٿائيلينڊ ۾ جاري ايشين انڊر 16 والي بال چيمپيئن شپ جي سيمي فائنل ۾ ڀارت کي 3-0 تان شڪست ڏئي فائنل ۾ جاءِ ٺاهي ورتي.
ٿائيلينڊ جي ناخون راتچاسيما ۾ چيمپيئن شپ جي سيمي فائنل ۾ پاڪستان ڀارت کي شڪست ڏني
پاڪستان ڀارت خلاف سيمي فائنل ۾ 25-16، 25-19 ۽ 25-12 تان ڪاميابي حاصل ڪئي ۽ فائنل ۾ جاءِ ٺاهي، چيمپيئنشن جي فائنل ۾ پاڪستان جو سڀاڻي سان مقابلو ٿيندو
