ڀارتي فوج جي ڪرنل پاران پنهنجي اعليٰ آفيسرن تي سندس گهرواري سان زيادتي جو الزام
( ويب ڊيسڪ ) ڀارتي فوج جي ڪرنل اميت ڪمار پنهنجي ئي فوج ۾ لڪيل جانورن کي بي نقاب ڪري ڇڏيو ۽ انڪشاف ڪيو ته سندس زال کي فوج جي اعليٰ آفيسرن جنسي زيادتي جو نشانو بڻايو آهي.
گذريل مهيني، سماجي رابطن واري ويب سائيٽ ايڪس تي ڀارتي ڪرنل اميت ڪمار جي اڪائونٽ تان مختلف وڊيوز شيئر ڪيون ويون، جنهن ۾ دعويٰ ڪئي وئي هئي ته سندس زال سان زيادتي ڪئي وئي آهي.
وڊيو ۾ اميت ڪمار جي پريشان زال فوجي آفيسرن تي زيادتي جو الزام لڳايو، اميت ڪمار جي زال چيو ته “مان اسپتال جي ڪمري ۾ ويٺي هيس، ان دوران هڪ برگيڊيئر، ونگ ڪمانڊر ۽ ڪرنل سميت ڪيترائي آفيسر منهنجي ڪمري ۾ آيا، انهن منهنجو ڪمرو بند ڪري ڇڏيو ۽ منهنجو موبائل فون کسي ورتو.”
وڊيو ۾ ڪرنل اميت جي پٽ کي به پنهنجي ماءُ سان گڏ واقعي تي روئندي ڏسي سگهجي ٿو، جڏهن ته ساڳي ئي وڊيو ۾ هڪ ڀارتي فوجي آفيسر اميت ڪمار تي حملي جو الزام لڳائي رهيو آهي.
هڪ ٽوئيٽ ۾ ڪرنل اميت ڪمار الزام لڳايو ته سندس زال سان جنرلن ۽ برگيڊيئرن خانداني وارڊ ۾ زيادتي ڪئي، ٻئي طرف اميت ڪمار پنهنجي ٽوئيٽ ۾ انهن جنرلن ۽ برگيڊيئرن خلاف ڪيس داخل ڪرڻ ۾ پيش ايندڙ مشڪلاتن جو به ذڪر ڪيو ۽ چيو ته هن ڪيس جي جاچ مبينا طور تي انهن ماڻهن پاران ڪئي وئي هئي جيڪي پاڻ ڏوهه ۾ ملوث هئا.
