سون جي قيمت ۾ 25 سئو رپيا في تولو اضافو

IMG-20250718-WA0180.jpg

( ويب ڊيسڪ ) آل پاڪستان جيمز اينڊ جيولرز ايسوسيئيشن موجب في تولو سون جي قيمت 2,500 رپين جي واڌ ٿيڻ بعد ملڪ ۾ في تولو سون جو اگهه 357,600 رپيا ٿي وئي آهي.

اهڙي طرح 10 گرام سون جي قيمت 2,143 رپين جي واڌ سان 366,584 رپيا ٿي وئي آهي

ايسوسيئيشن موجب، عالمي مارڪيٽ ۾ سون جي قيمت 25 ڊالر وڌي 3,351 ڊالر في اونس ٿي وئي.

ياد رهي ته خميس ڏينهن في تولو سون جي قيمت 900 رپيا گهٽجي 355,100 رپيا ٿي وئي هئي.

ان دوران، في تولو چاندي جي قيمت 48 رپيا وڌي 4,012 رپيا ٿي وئي.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *